PDA

View Full Version : حضرت خضر ۽ حضرت موسى عليه السلام



علي اڪبرجلباڻي
09-15-2015, 09:55 PM
حضرت خضر ۽ حضرت موسى عليه السلام جي ملاقات​




هڪ ڏينهن حضرت موسى عليه السلام واعظ ڪري رهيو هوهڪ ته اڇو ڪڪر ان جي مٿان ڇانو ڪري بيٺو. دل ۾ خيال آيس ته هن وقت روءِ زمين تي مون جهڙو عالم ٻيو نه آهي. توريت مون کي ياد آهي. جنهن جو بار چاليهه اٺ مس کڻن. سواءِ ڪنهن واسطي جي خدا مون سان گفتگو ڪئي. هڪ شخص مجلس مان کانئس اهڙو سوال به پڇيو. ان کي به اهڙو جواب ڏنائين ته هن وقت برابر مان پاڻ جهڙو عالم هن جهان ۾ ڪونه ٿو ڏسان. ايتري ۾ خدا وٽان عتاب آيس ته موسى! تون اهو خيال نه ڪر ته دنيا ۾ تو جهڙو ٻيو عالم ڪونهي. تون مجمع البحرين ۾ وڃ. اتي هڪڙو منهنجو ٻانهو آهي ان سان ملاقات ڪر ته توکي پتو پوي ته مون جيڪو علم ان کي ڏنو آهي سو توکي آهي ئي ڪونه. پوءِ حضرت موسى يوشع کي ساڻ ڪري مجمع البحرين ڏي هليو.

واذ قال موسى لفتاه يعني حضرت موسى پنهنجي همراه کي چيو ته جيستائين مجمع البحرين کي نه پهچندس هر گز پوئتي نه هٽندس يا ورهن جا ورهه پيو هلندس. مجمع البحرين اها جاءِ آهي جتي فارس ۽ روم جا درياءَ اچي گڏجن ٿا. ڇليءَ ۾ تريل مڇي به پاڻ سان کنئي هئائون رستي ۾ يوشع درياءَ مان وضو ڪيو ته پاڻيءَ جو ڦڙو وڃي مڇيءَ تي پيو ۽ مڇي جيئري ٿي سرنگ ڪري درياءَ ۾ هلي وئي.

حضرت موسى ننڊ ۾ هو. ان سان ڳالهه نه ڪيائين ننڊ مان اٿيو ته اڳتي هليا. ٻئي ڏينهن حضرت موسى يوشع کان مڇي گهري ته ڪڍ ته کائون. بک لڳي آهي. ۽ ٿڪ به ٿيو آهي. يوشع چيو ته اها مڇي ته ڪالهوڪي پٿر وٽان درياءَ ۾ هلي وئي ۽ شيطان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي. حضرت موسى چيو ته اسان کي اتي ئي هلڻو آهي. پوءِ ٻئي پوئين پير موٽيا. ۽ اها مڇي درياءَ ۾ ترندي ۽ ٽٻي هڻندي ڏٺائون. حضرت موسى مڇي پڪڙڻ لاءِ درياءِ ۾ ٽٻي هنئي ته اتي هڪ گنبذ ۾ خواجه خضر کي ڏٺائين. ملاقات ۾ حضرت خضر چيس ته خدا مون کي اهڙو باطني علم ڏنو آهي جو تو وٽ ڪونه آهي. حضرت موسى چيس ته اهو علم مون کي به سيکار. خواجا خضر چيس ته تون ڄاڻين ٿو شريعت جو ظاهري علم تنهن ڪري تون مون سان صبر ڪري هلي نه سگهندين. حضرت موسى چيو ته جيڪڏهن خدا گهريو ته صبر ڪندس خواجا خضر چيس ته ڀلا آئون جيڪي ڪريان ان بابت تون نه پڇجانءِ ته ائين ڇو ڪيئي؟

اهو انجام وٺي ٻئي هليا ۽ هڪ پتڻ تي اچي پهتا. ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا ته حضرت خضر ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪري وڌو. حضرت موسى چيس ته جن مير بحرن پتڻ جا پيسا به نه ورتا تن جي ٻيڙي تو ڇو خراب ڪئي. اسان کي ٻوڙيندين ڇا؟ حضرت خضر چيس ته مون ته توکي چيو هو ته تون مون سان صبر ڪري نه سگهندين. حضرت موسى چيس ته اها مون کان ڀل ٿي.

اڳتي هليا ته حضرت خضر هڪ بيگناهه ڇوڪرو ماري وڌو. حضرت موسى چيس ته تو هڪ ڇوڪرو سواءِ قصاص جي ماري وڌو. تو اهو چڱو نه ڪيو. حضرت چيس ته مون ته اڳي ئي تو کي چيو هو ته تون مون سان ٺهي نه سگهندين. حضرت موسى چيو ته جيڪڏهن وري تو کان پڇان ته مون سان سنگت نه ڪجانءِ.

اڳتي هليا ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ديوار ڪرڻ تي هئي. حضرت خضر ان کي ٺاهي ٺيڪ ڪيو. حضرت موسى چيس ته جن ماڻهن اسان کي ماني به نه کارائي تن جي ديوار تو سواءِ مزدوري جي ڇو ٺاهي؟

حضرت موسى اهو ٽيون ڀيرو پنهنجو واعدو ٽوڙيو. تنهن ڪري خواجا خضر چيس قوله تعالى هاذا فراق بيني وبينڪ يعني حضرت خضر چيو ته هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ جدائي آهي. پر تون ٻڌ ته مان تو کي ٻڌايان ته اهي ڪم ڇو ڪيم.

ٻيڙيءَ کي سوراخ ان ڪري ڪيم جو ٻيڙيءَ وارا غريب هئا انهن جو گذران ٻيڙي تي هو. هڪ ظالم بادشاهه اها ٻيڙي بيگر ۾ کسي وٺي ها. پرٻيڙي ۾ عيب ڏسي هاڻي نه کسيندو ۽ غريب ٻيڙيءَ تي گذران ڪندا رهندا.

ڇوڪرو انهيءَ ڪري ڪٺم جو اهو وڏي هوندي ڪفر ۽ سرڪشي سان پنهنجي پيءُ ماءُ کي خراب ڪري ها. جي ٻئي مومن آهن. هاڻي هو پٽ جي ايذائن کان ڇٽي پوندا ۽ ان جي عيوض خدا انهن کي هڪ ڌيءَ ڏيندو. ان جي اولاد مان ستر پيغمبر پيدا ٿيندا.

۽ ديوار جي مرمت انهيءَ ڪري ڪيم جو اها ٻن يتيم ٻارن جي هئي. انهن جا پيءُ ماءُ ڏاڍا نيڪ بخت هئا. انهيءَ ديوار هيٺان انهن جو خزانو پوريل هو. ڀت ڪري ها ته خزانو ظاهر ٿئي ها ۽ ماڻهو کڻي وڃن ها. هاڻي جڏهن اهي يتيم وڏا ٿيندا ته اهو خزانو انهن جي هٿ ايندو. تنهن ڪري اها ديوار سواءِ ڪنهن معاوضي وٺڻ جي مرمت ڪيم. ائين چئي حضرت خضر چيو ته هاڻ تون وڃ پر هيءَ ٽي نصيحتون ياد رکجانءِ.

1. خوش خلق ٿي رهه، انهيءَ سان ماڻهن ۾ عزت ۽ وقار وڌي ٿو.
2. غرور نه ڪجانءِ.
3. هر حاجت لاءِ خدا کان دعا گهر جو سموريون ضرورتون هو پنهنجي بي بها خزاني مان پوريون ڪري ٿو. ايترو چئي حضرت خضر غائب ٿي ويو.......

انبياءِ ڪرام عليه السلام جي حياتِ مقدسه تي مبني مستند ڪتاب قرآن مجيد ۽ فرقان حميد جي مطابق قصص الانبياء مان ورتل آهن جنهن جو ترجمو ۽ ترتيب سرمد لقيف ڪئي آهي

بےباک
09-16-2015, 05:42 AM
ما شاءاللہ