PDA

View Full Version : ثقافت جي معنيٰ ۽ ان جا جزءُ



علي اڪبرجلباڻي
09-18-2015, 09:39 PM
ثقافت جي معنيٰ ۽ ان جا جزءُ
ثقافت لفظ جي وصف مختلف عالمن مختلف بيان ڪئي آهي. ثقافت جي لغوي معني عقل وڌائڻ آهي ۽ اصطلاحي معني انسانن جي ززندگي گذارڻ جو طريقو آهي. جيئن ته انسان جو تعلق انهي زمين سان آهي جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهي زمين جي ساخت، آبهوا، نهرون ، آبادي. جانور، پکي پکڻ ،جيت جڻيا ،وڻ ٽڻ ،گاهه ٻوٽا ۽ گهر گهاٽ سندس زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. انهي ماحول مطابق ئي هو پنهنجي زندگي کي آساني سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ پائي ٿو. کاڌو کائي ٿو رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. ثقافت جي موضوع هيٺ زندگي جا سڀ شعبا اچي وڃن ٿا جهڙوڪ؛ مذهب، تهذيب ، پهرڻ ، ٻولي، ترقي، انسانيت جو ظهور ، اختيار، آداب، اٿڻي ويهڻي ، ۽ ريتون رسمون وغيره ان کان سواءِ انسان جو جياپو ۽ ان جا وسيلا، هلت چلت، هنر ، رواج ۽ کاڌو پيتو به ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن. مجموعي طرح طرزمعاشرت کي ئي ثقافت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انگريزي ۾ ثقافت لا ڪلچر لفظ استمعال ٿئي ٿو. جنهن جو اصطلاحي مفهوم ۾ ذهني ترقي ،آداب ۽ اخلاق تهذيب ۽ تمدن جو خصوصيتون اچي وڃن ٿيون. ثقافت ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺندي آهي انهي لحاظ کان ثقافت هر .شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ثقافت ۾ پنهنجو پاڻ ڪردار ادا ڪري ٿو. تهذيب به ثقافت جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ شهرن جو وجود سياسي ردوبدل ۽ پشه ورڻيون خاصيتون شامل آهن. موجود دور جي محقن ثقافت جي دائري ۾ مذهب، فلسفي، ڪاريگرين آرٽ (فنون لطيفه) ۽ معاشرت کي به شامل ڪيو آهي، ۽ تهذيب ۾ خاص طور هر طرح جي ٽيڪنيڪي علمن کي به ثقافت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ثقافت جي ترقي تهذيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي . ثقافت ، تهذيب يافته به ٿي سگهي ٿي ته غير تهذيب يافته به.
مختلف عالمن ثقافت جو مختلف وصفون بيان ڪيون آهن. نامور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ موجب ، جعگرافي حالتن ، انساني ارتقا جي تاريخ ، زبان ۽ مذهب سان متاثر ٿي ، انسانن پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا آهن اهي سڀ ثقافت جي دائر ۾ اچن ٿالسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي انسانن جي مادي زندگي لاءِ ضروري شين جهڙوڪ؛ اوزار، هٿيار، لباس ۽ رهائش کي ته ٻئي پاسي غير مادي يعني روحاني زندگي سان تعلق رکندڙ شين جهڙوڪ؛ مذهب ۽ اخلاق علم ۽ فن زبان ۽ ادب اصول ۽ قانون معاشرتي رواجن ۽ ريتن رسمن کي ثقافت چئبو آهي.
مطلب ته ڪنهن به قوم جي ذهني فڪري ۽ روحاني منظر نامي کي ثقافت چئبو آهي. جنهن ۾ مذهبي رسمون ، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، معاشرتي رواج، مجلس جا آداب، توهم پرستي، روحاني عقيدا، غذائي عادتون، لباس، ٻولي، ادب، رهڻي ڪهڻي، عبادت جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، ساز سرود، نچڻ ٽپڻ، جا انداز ٻارن جا رانديڪا، عورتن جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، سيبي ٽوپي جا نمونا، ذهني جسماني تفريح، کيل تماشا، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل آهن. جديد محققن موجب مذهب، تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شامل ڪيو آهي۔