PDA

View Full Version : ستن ٻولين جو ماهر شاعر يا هفت زبان سچل سرمست رح



ھارون رشید
05-23-2011, 09:53 PM
http://oi51.tinypic.com/2ce699w.jpg

منھن ڏيئي آيام، جبل جھاڳڻ ڪيچ جا؛
طعنا تھمتَ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛

ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِھرا سُور پريَنِ جا


۔سچل سرمست ستن ٻولين جو ماهر شاعر يا هفت زبان ڪوٺيو ويندو آهي. سچل سرمست 1739ع ۾ ڄائو.سندس والد جو نالو ميان صلاح الدين ۽ ڏاڏي جو نالو صاحب ڏنو هو. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس تخلص سچل، سچو ۽ سچي ڏنو آهي ۽ فارسيءَ ۾ آشڪارا آهي. سندس نسب جو سلسلو عمر سان ملي ٿو.سچل سرمست عرف سچي ڏنو جو والد ۽ ڏاڏو ننٺي هوندي ئي فوت ٿي ويا، ان ڪري سندس پرورش چاچي ميان عبدالحق ڪئي. ظاهري علم آخوند عبدالله وٽ پڙهيو. قرآن حفظ ڪيائين. ۽ ديني علمن جو عالم ٿي گذريو. پاڻ چاچي وٽان شادي ڪيائين. سچل جي فقيرن سندن ڪلام گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو. هن ڪتابن مان ڪيئي پاڻ ساڙائي ۽ ٻوڙائي ڇڏيا ته متان ماڻهو گمراهه ٿي شريعت کان منهن نه موڙين ۽ وڃي ڪفر ۾ نه پون. سندس وفات وقت سندس ڪل بيت 936400 ٿيا.پاڻ سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي، عربي، هندي ۽ پنجابي ۾ شعر چيائين.۔۔۔سچل سرمست 14 رمضان 1829ع ۾ وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر نوي سال هئي.

سچل سرمست جو هڪ ڪلام علڻ فقير جي سهڻي آواز ۾


http://www.youtube.com/watch?v=VZ6AnStUG2w

http://www.youtube.com/watch?v=3oa5ObSx_uQ

سچل سرمست جو مڪمل سنڌي ڪلام


http://www.sindhigulab.com/booksjs/SachalJoRisallo.pdf

سچل سرمست جي شاعري جو فڪري پس منظر


ڊاڪٽر غفور ميمڻ
وحدت الوجود جو لازمي ۽ منطقي نتيجو ”انا الحق“ آهي. انهيءَ عروج تي پهچي حسين بن منصور حلاج 310هه ۾ پهريون دفعو ”انا الحق“ جو نعرو هنيو.۔۔۔تصوف جي تاريخ جي ورق گرداني ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته منصور جي شهادت کان پوءِ اسلامي دنيا ۾ صدين ۾ الله جي عشق سان سرشار بي باق ۽ همت ڀريو صوفي سواءِ سچل سرمست جي پيدا نه ٿيو، جنهن منصور واري جذبي مدهوشي ۽ بي باڪيءَ مان انا الحق جو نعرو هنيو هجي. ۔۔۔آهيان آئون اسرار، ڀينر مون کي ڪير ٿيون ڀانيو۔۔۔نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار.۔۔سچل وٽ اها بي خوديءَ جي ڪيفيت هئي، مستيءَ جي مدهوشي جي، جنهن ۾ سچل چوڻ جي بي باڪي آهي. پنهنجي ذات جو ظاهري پهلو انا، خودي، سڀ ختم ٿي وڃن ٿا. شخصيت داخليت ۾ ٻڏي زمان و مڪان جون حدون اورانگهي اهو وجدان حاصل ڪري ٿي، جنهن ۾ مادي وجود جي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي. صرف خيال وڃي رهي ٿو. جيڪو ڪجهه انتهائي تجربي کان پوءِ خيال کي پائي ٿو، اهو ئي حق آهي ۽ اهو ئي سچ آهي ۽ ان وقت ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي.۔۔خيال ۾ گم ٿي خيال ڪماءِ۔۔خيال جو مطلب خيال ۾ آءِ۔۔يامين تو ڪوئي خيال هان۔۔۔۔لڀسان نال خيال دي.۔۔۔انهيءَ ڪيفيت جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهجي. صوفي انهيءَ کي قلبي واردات به چوندا آهن.گيتا ۾ چيل آهي ته آتمڪ ديس ۾ وچتر وايو منڊل آهي جنهن جو وستار انهي ٻولي ۾ ڪري نه ٿو سگهجي اتي نه راڳ روپ نڪو صورت. (23)۔۔۔۔۔پرمينائيڊز 450 ق م ۾ چيو هو ته:۔۔۔“He considered the sense deceptive, and condemned the multitude of sensible things as mere illusion, the only true being is the one which is infinite and indivisible:” (64)۔۔۔ترجمو:۔۔۔هن شعور کي دوکو ۽ اهي شيون جيڪي اسان کي لذت ڏين ٿيون، تن کي رد ڪيو ڇاڪاڻ ته اهي سڀ سراب، مايا آهن، حق فقط اهو آهي جيڪو بي انت ۽ ناقابل تقسيم آهي.۔۔پر خيال ڇا آهي؟ انهيءَ جي حقيقت ڇا آهي؟ صوفي انهي کي مطلق خير مطلق حق ۽ مطلق جمال چون ٿا.۔۔تصوف جو خاص عقيدو ۽ اصول آهي ته انسان جا روح خدائي روح جا جز آهن اهي جزا آخر موٽي وڃي ڪل يعنيٰ حق ۾ گڏبا. (65)۔۔ پر هيءَ ڪثرت حقيقي وجود کان فراق آهي، جدائي آهي، انهي کي حاصل ڪرڻ يعني وصال لاءِ انهي منزل تي پهچڻ جو رستو عشق آهي ۽ سچل جي فڪر جو نقطو عشق تي ٻڌل آهي.۔۔۔عشق لڳئي ته چئو آمين۔۔۔نه منجهه ڪفر نه منجهه دين۔۔۔سچل سرمست عشق کي ازلي ۽ لافاني سڏي ٿو ۽ سندس چوڻ هو ته عشق کي بقا آهي بلڪ هن ڪائنات جي تخليق جو سبب عشق آهي، سچل سائين عشق کي انسان جي معراج جو وسيلو مڃي ٿو ۽ ان ذريعي محبوب جي مشاهدي ماڻڻ کي هڪ لازوال حقيقت ۽ ابدي امر سمجهي ٿو.۔۔صورت سڀ انسان جي اٿئي عشق اصل۔۔۔خلق آدم عليٰ صورت، جزو جهڙو ڪل۔۔۔الانسان سِري وانا سِره سچ سچا پيوسل۔۔۔ٻول نه ٻي تون ڀل هتي هتي هڪ اٿي.۔۔۔۔عشق انسان کي دنياوي فڪر کان آزاد ڪري حق ۽ سچ جو طالب بڻائي ٿو، عشق هڪ قسم جي اندروني قوت آهي، طاقت ۽ تحرڪ آهي، عشق انسان کي عمل لاءِ آمادو ٿو ڪري، عشق خدا جو جوهر آهي، جيڪو انسان جي اندر ۾ آهي. بيدل فقير چيو هو.۔۔۔عشق جو ڏس اسرار، سڀ صورت ۾ يار سمايو۔۔۔۔ياريگانو ڪاڻ ظهوري، سوين ڪرين سينگار۔۔۔۔پاڻ پرين ڪثرت ۾ آيو۔۔۔۔ڏس هم جو پاڻ ڏنائين، عاشق ڪر اعتبار۔۔۔۔هر جاير تماشو لايو۔۔۔۔عشق جي انهي قوت لاءِ سچل چيو هو:۔۔۔۔۔آئون آهيان اسرار عالم ليکي آدمي،۔۔۔۔عرشؤن اچي اتهين، عشق ڪيس اظهار۔۔۔ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا، نور آهيان نروار.۔۔۔سچل سرمست جلالي صوفي هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ برجسته اظهار ٿو ڪري، ٻيائي کي نندي ٿو، پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ انسان کي پنهنجي عظمت ياد ڏياري ٿو. اها عظمت جيڪا حقيقي عشق جي راهه ۾ همت ۽ جوانمرديءَ سان اذيتون برداشت ڪندي ملي ٿي ۽ پنهنجي وجود جو بي پناهه وجدان ٿئي ٿو. جيڪو منصور حلاج کي ٿيو هو. ۔۔۔پٺيءَ ڄڃَ مَ ڄل، منجهه تماشائي نه پوين۔۔۔گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگامو هل۔۔۔ٻول نه ڪنهن ٻئي ڀُل، وٺج حال حلاج جو.۔۔۔ٻئي هنڌ چوي ٿو:۔۔۔۔سچل سوريءَ سي وڃن، جي مئي ۾ ٿيا مدهوش۔۔۔ويکو منصور ڪون عشقي، ڪيتا سردار آويزي.۔۔۔نتيجو:۔۔۔سچل جي شاعري ۾ وجودي فڪر جو تسلسل آهي جيڪو قديم سنڌ ۾ هندي فلسفي کان وٺي صوفي مت ۾ موجود آهي، هن فڪر جا گهڻائي پهلو سچل پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا آهن جن ۾ پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجي اندر ۾ لڪل قوت کي حرڪت ۾ آڻڻ کان پوءِ زندگي جي هن ڏک (Absurdity) مان نڪري سگهجي ٿو.ساڳي طرح قديم سنڌ ۾ تخليقي قوت کي ديوي/ديوتا جو درجو ڏيڻ ۽ ان جي قوت سان دنيا جي تخليق کي مڃڻ وارو سلسلو هندستان ۾ شومت کان ٿيندو جديد سنڌ جي صوفي مت تائين پهچي ٿو. جيئن شِو کي اٿرويد ۾ ڀڳوان جي حيثيت ڏني ويئي آهي:”جڏهن اونداهي ئي اونداهي هئي، نه ڏينهن هو نه رات، نه شيءِ هئي نه لا شيءِ، تڏهن اهو موجود هو، اهو غير مرعي آهي جنهن جو ادراڪ اندر جي نگاهن سان ٿي سگهي ٿو. اهو شِو آهي، خالق آهي ۽ ان جي حقيقي معرفت وهڪرو ”عشق، عقيدت، رياضت“ جي ذريعي ئي ممڪن آهي.“۽ سچل سرمست عشق کان سواءِ ٻيا سڀئي پنڌ اجايا ٿو سمجهي.۔۔۔۔جو دم غافل سو دم ڪافر، ساڪون مرشد اي فرمايا۔۔۔ سچل ڳالهه عشق دي سچي، ٻيا سڀ پنڌ اجايا.عشق جي ذريعي سچل وحدت کي پهچي ٿو. عشق جي انتها ئي وحدت الوجود جي احساس جي سڃاڻپ آهي ۽ حقيقت سان هڪ ٿيڻ ۽ بي انت سان ايڪي ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيون سڀ واٽون وساري سالڪ حق جي راهه وٺي ٿو.مجموعي طور سچل سرمست سنڌي فڪر جو تسلسل ۽ انهي جي انتهائي شڪل آهي۔۔۔۔ نوٽ ليکڪ جي هر جملي ۽ خيال سان ونڊ ڪندڙ جو متفق هجڻ ضروري نه آهي۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو ڪجهه وقت پهرين اسان جي دوست مائٽ زاهد سومرو صاحب جن سچل جي شاعري تي هڪ مقالو هت سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو جيڪو مون کي پسند آيو ۽ ان پسندگي جو اظهار ڪرڻ لاء ان مقالي جي لنڪ هت پڻ ونڊ ڪجي ٿي تاڪ منهنجس ٻيا سنڌ سلامت جا ساٿي به ان مقالي کي ڏسي ۽ پڙهي سگهن۔

سچل سرمست جي شاعري جو مختصر جائزو


سچل سرمست جي مقبري جو هڪ وڊيو ڏيک


http://www.youtube.com/watch?v=dIc6_GoRu-g
http://www.youtube.com/watch?v=2lyy8YxZiQA&NR=1