PDA

View Full Version : نظم (او چري.............!)



جاذبہ
03-05-2014, 09:18 PM
ڀنڀوريءَ جي پرن جھڙي
گلابن جي ڪلين جھڙي
او نفيس ڇوڪري!
اسان خانا بدوشن سان
ڳنڍيو ٿئي نينهن جو ناتو
چري پر هيءُ ته سوچين ها!
ته هن ساڙولي دنيا ۾
درد ڇڙواڳ ئي ملندئي
رڳو بس آڳ ئي ملندئي
هتي هر جاءِ رستن تي
ڪُهاڙين جا اڀا ٿئي ڪَرُ
متان سمجھين تون رستن تي
مور جا پنک هن پوکيل
چري تون گلبدن آهين!
ڏينڀوءَ جو ڏنگ ڀي ڪڏهن
جسم تي تو سٺو ناهي!
هي دنيا”کاڻ کپرن جي“
جيئڻ توکي ڪٿي ڏيندي!

علي بخش منصور

:th_rose::th_rose::th_rose::th_rose::th_rose::th_r ose::th_rose:

بےباک
03-06-2014, 03:57 PM
چري تون گلبدن آهين!
ڏينڀوءَ جو ڏنگ ڀي ڪڏهن
جسم تي تو سٺو ناهي!
هي دنيا”کاڻ کپرن جي“
جيئڻ توکي ڪٿي ڏيندي!

خوب خوب ، بہت ہی خوب جاذبہ ج

جاذبہ
03-06-2014, 09:16 PM
بہت شکریہ بے باک جی