نتائج کی نمائش 1 تا: 2 از: 2

موضوع: بغير ڪنهن ڏکائي جي سنڌيءَ ۾ اي ميل ڪريو

  1. #1
    مبتدی
    تاريخ شموليت
    Aug 2015
    پيغامات
    13
    شکریہ
    0
    7 پیغامات میں 8 اظہار تشکر

    بغير ڪنهن ڏکائي جي سنڌيءَ ۾ اي ميل ڪريو

    سنڌيءَ يونيڪوڊ فونٽس ٺهڻ کان پوءِ سنڌيءَ تي ڪم ڪرڻ ڏاڍو آسان ٿي ويو آهي. هاڻ توهان بغير ڪنهن ڏکائي جي پنهنجي سنڌي ويب سائيٽ ٺاهي سگھو ٿا. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ اي ميل به ڪري سگھو ٿا. جي ها! هاڻ توهان کي سنڌيءَ کي Microsoft Word ۾ لکي اٽيچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هاڻ توهان ڊائريڪٽ سنڌي ميلنگ ڪري سگھو ٿا. انهيءَ جي لاءِ هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو:

    *

    ياد رکو سنڌيءَ ۾ اي ميل موڪلڻ لاءِ صرف ۽ صرف انٽرنيٽ ايڪسپلورر 6 يا ان کان وڌيڪ استعمال ڪريو.
    *

    هاڻ توهان پنهنجو ڪوبه ميل اڪائونٽ کوليو. هن وقت نيٽ جي دنيا ۾ هاٽ ميل، ياهو ۽ جي ميل جو راج آهي. هي ترڪيب انهن ٽنهي ميل سرورز تي ڪارآمد آهي.
    *

    نئي اي ميل لکڻ لاءِ Compose تي ڪلڪ ڪريو.
    *

    هاڻ توهان Microsoft Word کوليو ۽ ان ۾ پنهنجي ميل ٽائيپ ڪريو. ٽائيپ ڪرڻ کان پوءِ CTRL+A دٻائي سليڪٽ آل ڪريو ۽ پوءِ انهيءَ کي ڪاپي ڪري ميل بوڪس (Mail Box) ۾ پيسٽ ڪريو. (ياد رکو فونٽ صرف ”ايم بي لطيفي“ استعمال ڪريو ڇاڪاڻ ته هي تمام گھڻو عام آهي.)
    *

    ميل پيسٽ (Paste) ڪرڻ کان پوءِ VIEW مينو مان وڃي Encoding سليڪٽ ڪريو.
    *

    پوءِ Encoding مان ٗMore ۽ اُتان Unicode (UTF-8 سليڪٽ ڪريو.
    *

    هاڻي اي ميل کي send ڪري ڇڏيو

    سنڌي اي ميل پڙهڻ:
    سنڌي اي ميل پڙهڻ لاءِ به اوهان کي مٿين ساڳي سيٽنگ ڪرڻي پوندي. انهيءَ جي هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو.

    *

    انهيءَ لاءِ Encoding مان ٗMore ۽ اُتان Unicode (UTF-8 سليڪٽ ڪريو.
    *

    هاڻي توهان سنڌي اي ميل کي پڙهو. جيڪڏهن اي ميل ٗٹUTF-8 ۾ موڪلي ويئي هوندي ته اوهان کي بلڪل صحيح نظر ايندي.

    اگر ڪنهن به قسم جي ڏکائي هجي يا ڪو سوال پڇڻو هجي ته هن اي ميل تي رابطو ڪندا۔ jalbani165@yahoo.com

  2. #2
    منتظم اعلی بےباک کا اوتار
    تاريخ شموليت
    Nov 2010
    پيغامات
    6,161
    شکریہ
    2,126
    1,234 پیغامات میں 1,606 اظہار تشکر

    جواب: بغير ڪنهن ڏکائي جي سنڌيءَ ۾ اي ميل ڪريو

    سندھی میں ای میل لکھنے کا طریقہ
    بہت خوب ،
    جزاک اللہ
    ہم کو کمال حاصل ہے غم سے خوشیاں نچوڑ لیتے ہیں ۔
    اردو منظر ٰ معیاری بات چیت

آپ کے اختيارات بسلسلہ ترسيل پيغامات

  • آپ نئے موضوعات پوسٹ نہیں کر سکتے ہیں
  • آپ جوابات نہیں پوسٹ کر سکتے ہیں
  • آپ اٹیچمنٹ پوسٹ نہیں کر سکتے ہیں
  • آپ اپنے پیغامات مدون نہیں کر سکتے ہیں
  •  
Cultural Forum | Study at Malaysian University