[size=xx-large][align=center]حجاج بن يوسف ، جيڪو اسان وٽ محمد بن قاسم جي چاچي ۽ سهري طور مشهور آهي، پر ٻي مسلمان دنيا ۾ هو بنو اميه جي دور حڪومت جي مکيه رڪن طور ڄاتو وڃي ٿو. سندس مشهوري يا بدناموسي جو ٻيو سبب سندس پاران روا رکيل ظلمن ۽ ستمن جا قصا آهن. ياد رهي ته نامور ترقي پسند مؤرخ جناب ڊاڪٽر مبارڪ علي انهن قصن کي مبالغه آميز قراري ٿو. ڊاڪٽر مبارڪ ته اهو به لکيو آهي هن جي نياڻيءَ جي محمد بن قاسم سان شادي ڪا تاريخي حقيقت ڪانهي، ڇو ته حجاج کي ڪا نياڻي ڪانه هئي.

مون هن مضمون ۾ پهريائين ڊاڪٽر مبارڪ پاران لکيل حجاج بن يوسف جو مختصر سوانجي خاڪو، جيڪو سندس مقالي ”عرب دور حڪومت“ ۾ ضميمي طور ڏنل آهي، شامل ڪيو آهي. مضمون جي آخري حصي ۾ حجاج جي ظلمن جي مختصر روائداد، جيڪا مولانا مودودي جي ڪتاب ”خلافت اور ملوڪيت“ جي مختلف صفحن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي، هڪ جاءِ ڪٺي ڪري پيش ڪئي آهي. ياد رهي ته مودودي صاحب اهو مواد اسلامي تاريخ جي مڃيل تاريخي ڪتابن تان ورتو آهي.

2

حجاج بن يوسف جو تعلق بنو ثقيف جي قبيلي سان هو. هو 661ع ۾ طائف جي شهر ۾ پيدا ٿيو. اموي خليفي عبدالملڪ (705-685ع) جي زماني ۾ کيس عروج حاصل ٿيو، جڏهن هن اموي حڪومت خلاف اٿندڙ بغاوتن کي سختيءَ سان ڪچليو. کيس شهرت ان وقت ملي، جڏهن هن 691ع ۾ حضرت عبدالله بن زبير رضه (وفات 692ع) جي خلاف مڪي معظمه جو گھيراءُ ڪيو ۽ کيس شڪست ڏني. خليفي عبدالملڪ کيس سندس خدمتن جي پيش نظر حجاز، يمن ۽ يمامه جو گورنر مقرر ڪيو. 664ع ۾ هو عراق جو گورنر ٿيو. بعد ۾ خراسان ۽ سجستان جا علائقا به سندس حوالي ڪيا ويا. سن 703ع ۾ هن ڪوفي ۽ بصره وچ ۾ واسط نالي شهر آباد ڪيو. وليد (705_715ع) جي زماني ۾ کيس حڪومت جا سڀئي اختيار حاصل ٿيا هئا. سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ عربن پاران وچ ايشيا ۽ سنڌ جا علائقا فتح ڪيا ويا. هن صاحب 714ع ۾ 52 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

حجاج بن يوسف نه رڳو اموي دور جو هڪ وڏو سياستڪار هو، پر هڪ وڏو منتظم، اديب ۽ بي پناه تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن جي ظلم ۽ ستم جي مبالغه آميز قصن جي ڪري، سندس ٻين خوبين کي اجاگر نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اموي خلافت جي استحڪام، انتظام ۽ ترقي ۾ هن جو وڏو حصو هو. (ڊاڪٽر مبارڪ علي : عرب دور حڪومت ”سنڌ خاموشي ڪي آواز، صفحو 82)

3

مولانا مودودي جي ڪتاب تان ورتل ٽڪرا:

(الف) ابن الاثير جي روايت آهي ته حجاج بن يوسف (عراق جو وائسراءِ) کي سندس ڪارندن لکيو ته ذمي وڏي تعداد ۾ مسلمان بنجي بصري ۽ ڪوفي ۾ آباد ٿي رهيا آهن، تنهنڪري جزيي ۽ خراج مان ٿيندڙ آمدني گھٽجي رهي آهي. انهيءَ تي حجاج اهو فرمان جاري ڪيو ته انهن ماڻهن کي شهر نيڪالي ڏني وڃي ۽ انهن مٿان ساڳيو جزيو مڙهيو وڃي. انهيءَ حڪم جي تعميل ۾ جڏهن اهي نوان مسلمان بصره ۽ ڪوفي شهرن مان ڪڍيا پئي ويا ته اهي يا محمدصه! يامحمد صه! پڪاري روئي رهيا هئا ۽ کين اهو سمجھ ۾ نٿي آيو ته هاڻي هو ڪٿي وڃي هن ظلم جو فرياد ڪن. انهيِءَ صورتحال تي بصري ۽ ڪوفي جي عالمن ۽ فقيهن جي زبانن مان دانهون نڪري ويون. جڏهن اهي نوان مسلمان روئندا ۽ پٽيندا شهرن مان نڪري رهيا هئا، تڏهن اهي عالم ۽ فقيهه سڳورا ساڻن گڏ روئندا رهيا. (ابن الاثير، جلد 4، صفحو 79)

(ب) حجاج بن يوسف کي هڪ دفعو حضرت عبدالله بن عمر رضه خطبو ڊگھو ڪرڻ ۽ جمعي نماز ۾ اجائي دير ڪرڻ تي ٽوڪيو ته هن چيو ”منهنجو ارادو اهو آهي ته تنهنجون اکيون، جنهن مٿي ۾ آهن، تنهن تي ضرب هڻان.“ (الاستيعاب جلد1، صفحو 369؛ ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻيو واقعو ابن سعد طبقات ۾ نقل ڪيو آهي، جلد 4، ص 184)

(ٻ) ڪوفي ۾ حجاج بن يوسف جو حڪم ٿيل هو ته عرب کان سواءِ ٻيو ڪو به شخص نماز ۾ امام نه بنايو وڃي. (العقد الفريد جلد2، صفحو 233)

(ڀ) حضرت سعيد بن جُبير رضه (هڪ وڏو فقهيه ۽ عالم) جڏهن گرفتار ٿي آيو ته حجاج هن کي اهو احسان ياد ڏياريو هو ته هن کيس نماز جو امام بنايو هو، جڏهن ته هتي عربن کان سواءِ ٻي نسل جي ماڻهوءَ کي اهو اعزاز نٿي حاصل ٿيو. (ابن خلڪبان، وفيات الاعيان، ج2، ص 115، مڪتبه النهفته المصريه، قاهره 1948)

(ت) عبدالملڪ بن مروان جو شمار وڏي پايي جي فقيهن ۾ ٿيندو هو. بادشاه بنجڻ کان اڳ کيس مديني جي حضرت سعيد بن المسيب، عُروه بن زيبر ۽ قبيصه بن ذوءَيب جي مرتبي جو فقيهه سمجھيو ويندو هو. هن صاحب يزيد جي زماني ۾ ڪعبي تي پٿر بازي تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو هو. پر جڏهن پاڻ بادشاهه ٿيو ته هن حضرت عبدالله بن زيبر رضه جي خلاف جنگ واسطي حجاج بن يوسف کي مڪي اماڻيو. هن ظالم عين حج جي زماني ۾ مڪي معظمه تي چڙهائي ڪئي، جڏهن ته زمانه جاهيلت ۾ به ڪافر ۽ مشرڪ انهيءَ مهيني دوران جنگ نه ڪندا هئا. ڪوه ابو قبيس تي منجقون هڻي خانه ڪعبه ڏي پٿر وسايا ويا. حضرت عبدالله بن زبير رضه جي سخت اصرار تي پٿربازي صرف ايتري عرصي تائين روڪي ويئي، جيسيتائين حاجي سڳورن طوائف ۽ سعي نه ڪئي. بهرحال انهيءَ سال مڪي جا ماڻهو منيٰ ۽ عرفات ڏانهن نه وڃي سگھيا ..... (ابن الاثير، جلد 4، صفحو 22، البدايه والنهايه جلد8، صفحو، 329، ابن خلدون جلد 3، صفحو 37_38)

(ٿ) حضرت عبدالله بن زبير رضه ۽ ان جي ساٿين حضرت عبدالله بن صفوان ۽ عماره بن خرم جا سر مبارڪ ڪٽي مڪي مان مديني ۽ پوءِ اتان دمشق نيا ويا. هرجاءِ انهن جي نمائش ڪئي ويئي. مڪي ۾ انهن جي لاشن کي سوليءَ تي لٽڪائي رکيو ويو، جيسيتائين اُهي سڙي ڳري نه ويا. (الاستيعاب، جلد 1، صفحو 353_354؛ الطبري جلد 5، صفحو 33_34؛ البدايه ، جلد 8، صفحو 332؛ ابن خلدون جلد 3، صفحو 39)

(ٽ) قرائت جو مشهور امام عاصم بن ابي النجود چوي ٿو ته ”الله جي منع ڪيل ڪمن (حرمتن) مان ڪو به اهڙو نه رهيو، جيڪو هن (حجاج) هٿان سرزد نه ٿيو هجي.“ حضرت عمر بن العزيز رضه جو چوڻ هو ”اگر دنيا جي چونڊ خبيثن جو مقابلو ڪجي ته اسانجو حجاج اهو مقابلو کٽي وٺندو.“ حجاج، حضرت عبدالله بن مسعود کي منافقن جو سردار چوندو هو. هو چوندو هو ته جيڪر ابن مسعود کيس ملي وڃي ته هو ان جي خون مان پنهنجي اڃ اجھائيندو. هن اعلاني ڇڏيو هو ته جيڪو به ابن مسعود رضه جي طرز تي قرائت ڪندو ان کي ماريو ويندو. ۽ مصحف مان جيڪر انهيءَ قرائت کي سوئر جي هڏي سان مٽائڻو پيو ته مٽائبو. هن حضرت انس بن مالڪ رضه ۽ حضرت سهل بن سعد ساعدي جھڙن بزرگن کي گاريون ڏنيون ۽ انهن جي ڳچين تي مهرون لڳايون. هن حضرت عبدالله بن عمر رضه کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني. هو وڏي واڪ چوندو هو ته ”آئون جيڪرماڻهن کي مسجد جي هڪ دروازي مان نڪرڻ جو چوان ۽ هو ٻئي دروازي مان نڪرن ته انهن کي مارڻ مون لاءِ حلال آهي.“ سندس زماني ۾ قيد جي حالت ۾ ۽ بغير ڪنهن عدالتي فيصلي جي، جيڪي قتل ٿيا، تن جي تعداد هڪ لک ويهه هزار ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن هو مئو ته ان وقت سندس قيد خاني ۾ 80 هزار انسان، بغير ڪنهن مقدمي يا عدالتي فيصلي جي قيد ۾ سڙي رهيا هئا. (انهن تفصيلن لاءِ ڏسو الاستيعاب، جلد 1، ص 35، جلد 2، صفحو 571، ابن اثير جلد 4، صفحو 29_33؛ البدايه، جلد 9، صفحو 2_83، 91، 128، 131 کان 138؛ ابن خلدون, جلد 3، صفحو 39)

(ٺ) هي ئي ظالم گورنر هو، جنهن جي حق ۾ عبدالملڪ، پنهنجي اولاد کي مرندي وقت وصيت ڪندي چيو هو ته ”حجاج بن يوسف جو هميشه لحاظ ڪجائو، ڇو ته اهو ئي آهي، جنهن اسانجي سلطنت لاءِ رستو هموار ڪيو، دشمنن تي غالب پيو ۽ اسان خلاف اٿندر بغاوتن کي ڪچليو.“ (ابن الاثير جلد 4، صفحو 103، البدايه جلد 9، صفحو 67، ان خلدون، جلد 3، صفحو 58)

(ث) هڪ ڀيري حضرت عمر بن عبدالعزيز رب کي پڪاري چيو ته ”عراق ۾ حجاج، شام ۾ وليد، مصر ۾ قرت بن شريڪ، مديني ۾ عثمان بن حَيَان، مڪي ۾ خالد بن عبدالله القشَري، خداوند تعاليٰ تنهنجي دنيا ظلم سان ڀرجي ويئي آهي. هاڻي ماڻهن کي راحت جي بخشش ڪر.“ (ان الاثير جلد 4، صفحو 132)



مٿيان سڀ ٽڪرا، جيئن ظاهر آهي، نامور اسلامي تاريخي ڪتابن مان، مولانا مودودي صاحب ڏنا آهن. آخر ۾ سندس پنهنجو رايو به ملاحظه ٿئي:

”عبدالملڪ ۽ ان جي پٽ وليد جي زماني ۾ سڀ کان وڏي لعنت حجاج جي گورنري هئي، جنهن کي 20 سال، ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ جي کلي اجازت حاصل هئي ...... حجاج بن يوسف به خير کان خالي نه هو. قرآن تي اعرابن هڻڻ، هن جي اها نيڪي آهي جنهن جي تعريف، جيسين دنيا قائم آهي، پئي هلندي. سنڌ جي فتح به سندس ڪارنامن مان هڪ آهي. جنهن ڪري اڄ هن سرزمين تي الله جو نالو وٺندڙ ملي وڃن ٿا.“ (خلافت اور ملوڪيت، صفحو 185)[/align][/size]